21 اتوار , اکتوبر 2018

ريڊ ڪارڊ ڏيکارڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو روئي ويٺو

بارسلونا ( ويب ڊيسڪ ) يوئيفا چيمپئنز ٽرافي جي شروعات ۾ ئي امپائر طرفان ريڊ ڪارٽ ڏيکارڻ تي ميدان مان ٻاهر وڃڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو روئي ويٺو.  عالمي پرڏيهي خابرو اداري جي موجب يوئيفا چيمپئنز ليگ جي شروعات جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو لاءِ خوشگوار ثابت نه ٿي. اطالوي فٽبال ڪلب يووينٽيس سان پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ پرتگالي فٽبالر کي راند جي پهرين هاف ۾ ئي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر ڪڍيو ويو. اسٽار فٽبالر رونالڊو  ۽ اطالوي فٽبال ڪلب يووينٽيس جي رانديگرن ريفري جي فيصلي تي شديد احتجاج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته مخالف ٽيم جو دفاعي رانديگر پاڻ زمين تي ڪريو ۽ زخمي ٿيڻ جي اداڪاري رهيو هو، رونالڊو کيس اٿارڻ لاءِ مٿي تي رکيو هو. اطالوي رانديگرن جي احتجاج تي ميدان جي ڪناري تي موجود ساٿي ريفري سان به مشاورت ڪئي وئي ۽ مشهور فٽبال رونالڊو کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان تي ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. راند جي پهرين ئي هاف ۾ ميدان مان ٻاهر ٿيڻ تي سپر اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو  رونالڊو مايوس ٿي روئڻ لڳو سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ چهرو ڏک جي تصوير بڻجي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محمد عباس جي ڏيهه پهچڻ تي شاندار آجيان، مٿس گلن جي ورکا

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪينگروز جي بيٽنگ لائن تباهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے