23 منگل , اکتوبر 2018

ٽائيگر شيروف هالي ووڊ فلم ۾ انٽري لاءِ تيار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) دپيڪا ۽ پريانڪا بعد هاڻي ڀارتي اداڪار ٽائيگر شيروف به هالي ووڊ ۾ انٽري جي تياري ڪري رهيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب دپيڪا پدوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا بعد هاڻي اداڪار ٽائيگر شيروف به هالي وود ۾ قدم رکڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ممبئي ۾ مشهور هالي ووڊ فلم مورٽل ڪومبٽ جي پروڊيوسر لارنس ڪيسن آف نهايت خاموشيءَ سان ٽائيگر شيروف سان ملاقات ڪئي ۽ فلم پروجيڪٽ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ڀارتي ميڊيا موجب ٽائيگر شيروف جي بالي ووڊ فلم پروڊيوسر سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته گلشن گرور جي پٽ سنجي گرور هالي ووڊ فلم لاءِ ٽائيگر شيروف جو نالو ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيرين مزاري به احد رضا ۽ مومنا تي ڏمرجي پئي

اسلام آباد (شوبز نيوز) ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ پيش ڪيل گيت ”ڪوڪو ڪورينا“ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے