20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | روهڙي: قديمي ماتمي جلوس شمع گل منزل ڏانهن روان دوران

روھڙي ۾  ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ شمع گل جو ماتمي جلوس منزل ڏانهن روان دوران آهي.

مرڪزي امام بارگاھ  مان  صبح وقت نڪتل ساڍا پنج سئو ورهين جو نوَ ڍالن وارو شمع گل ماتمي جلوس  سالا نو ڍالا وارو شمع گل جو ماتمي جلوس  کبڙ جي پڙ تي پهتو.

کبڙ جي پڙ تان مهماني بعد ماتمي جلوس پنهنجي منزل ڏانهن روان دوران آهي.

قديمي ماتمي جلوس ۾  ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل عزادارن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي، ماتمي جلوس شاھي بازار، شھزادو چوڪ، ڍڪ رروڊ ۽ ميمڻ پاڙي کان ٿيندو ڪربلا جي ميدان تي نهر ٿي ويندو.

سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري ماتمي جلوس ڏانهن ايندڙ ماڻهن جي تلاشي ورتي پئي وڃي، جڏهن ته شهر ۾ موبائيل فون سروس پڻ بند آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے