21 اتوار , اکتوبر 2018

ڀارت سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي جي ملاقات تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي ڀارت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ پاڪ – ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان رويش ڪمار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي سائيڊ لائين ۾ گڏيل طور طئي ڪيل تاريخ ۽ وقت تي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ملاقات جي حوالي سان اڃا اسان ايجنڊا طئي ناهي ڪئي، رڳو ملاقات تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، گڏوگڏ هن اهو به چيو ته اها ملاقات پاڪستان جي حوالي سان ڀارتي پاليسي ۾ تبديلي جو اشارو ناهي ۽ نه ئي ان جو مقصد ڳالهين جي بحالي آهي. ڪرتارپور بارڊر کولڻ بابت رويش ڪمار جو چوڻ هو ته ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ان حوالي سان پاڪستاني حڪومت سان سرڪاري سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو پر سشما سوراج پاڪستاني هم منصب سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي جوابي خط لکي ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جي هڪ ڀيرو ٻيهر باقاعدي طور شروعات تي زور ڀريو هو. پنهنجي خط ۾ عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات جي به خواهش ظاهر ڪئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ: ڪنهن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ دورن ناليوارين شخصيتن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے