21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | گاجي کهاوڙ: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مجلس عزا

گاجي کهاوڙ جي مرڪزي پنجتني امام بارگاھ ۾  9 محرم الحرام ۾ نور احمد جوکيو جي پِڙ تي مجلس عزا  منعقد ڪئي وئي.

مجلس ۾ مختلف ذاڪرين ۽ عُلماءَ ڪرام ذاڪر ارباب شابراڻي، ذاڪر زوار خداداد کهاوڙ، مولوي ظهير لانگاھ، مولوي جمشيد علي ٻُٽ ۽ ٻين مجلس عزا خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا جي جنگ حق ۽ باطل وچ ۾ جنگ هئي.

هن چيو ته  امام حسين عه ۽ سندس جانثاران عه جانين جا نذرانا ڏئي تاريخ ۾ سرخرو ٿي ويا، جڏهن ته  يزيد ۽ ان جي فوج ناڪام ٿي وئي.

عزادارن لاءِ نياز لنگر ۽ سبيل جو بندوبست ڪيو ويو.

گاجي پوليس ۽ عباس فورس جا رضا ڪار سڪيورٽي جا فرض سر انجام ڏنا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : ٽنڊوڄام: برطرف ملازمن جو انتهائي قدم، انتظاميھ پريشان

* ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ برطرف ٿيل 69 ملازمن پاران بلاجواز ۽ جبري برطرفي خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے