24 بدھ , اکتوبر 2018

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي وڌيڪ ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي فوج والاريل وادي جي ضلعي بانڊي پورا جو گهيرو ڪيو ۽ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ فائرنگ ڪري ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ان سان گڏوگڏ قابض فوج محرم الحرام جي مناسبت سان جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن خلاف به طاقت جو ناجائز استعمال ڪيو، لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ۾ ڪيترائي عزادار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترن ئي عزادارن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن ۾ نظربند ڪيو ويو. والاريل ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين سيد علي گيلاني، مير واغظ عمر فاروق، محمد ياسين ملڪ، آغا سيد حسن الموسوي الصفوي، مولانا عباس انصاري ۽ ٻين عزادارن خلاف ڀارتي فوجين ۽ پوليس اهلڪارن جي وحشياڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ڄمون ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي ۽ تحريڪ وحدت اسلامي پنهنجي بيانن ۾ عزادارن تي طاقت جي وحشياڻي استعمال کي علائقي ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو بدترين مثال قرار ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے