23 منگل , اکتوبر 2018

ميزباني تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ميزباني تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، حمايت ۽ سهڪار تي ٻڌل آهن، ميزباني تي سعودي عرب جا ٿورا مڃون ٿا. واضح رهي ته شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي دوري دوران پنهنجي هم منصب عادل الجبير سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ گڏيل دلچپسي جي معاملن ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے