21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | ڏهرڪي: محرم الحرام ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري عزدار سخت پريشان

ڏهرڪي ۾ گٽر اٿلڻ واري معاملي تي ٽائون چيئرمين منير مهر چيو ته محرم الحرام جي موقعي تي گٽر کولي کيس ناڪام ثابت ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي وئي آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ٽائون چيئرمين منير مهر چيو ته مخالفن ڄاڻي واڻي امام بارگاهه وٽ مين هول بند ڪري پراڻي روايت ورجائي آهي.

هن چيو ته مخالف گٽر بند ڪري ڪريل حرڪتون ڪري شهرين عذاب ۾ نه وجهن، مخالفن جا خواب پورا نه ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته  سياسي مداخلت سبب ٽي ايم او چارج ڇڏي هليو ويو آھي ۽ ٻيو ٽي ايم او سياسي مداخلت سبب چارج نه پيو وٺي سگهي، ۽ ڪيترائي بل پاس نه ٿي سگهيا آھن.

ٽائون چيئرمين چيو ته مخالف  شهر جي بهتري لاءِ ٿيندڙ ڪمن ۾ رنڊڪون وجهي رهيا آهن، پر سندن سڀ ڪوششون ناڪام وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے