22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز | مٺي: ڏڪاري حالتون برقرار وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت

ٿر ۾ ڪارو ڏڪار  وڌيڪ ٻه ٻارڙا ڳڙڪائي ويو ،  صورتحال اتنهائي سنگين ٿي وئي  مال چارو ختم ٿيڻ بعد  جانور پنهنجي مئل جانورن جا هڏا کائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ٿر ۾ ڏڪاري حالتون انتهائي سنگين ٿي ويون آهن،جنهن سبب ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ،ننگرپارڪر،ڇاڇرو،ڏيپلو،ڪلوئي،ڏاهي جي 26 سئو ڳوٺن ۾ صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي.

سنڌ حڪومت ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏيڻ بعد هٿ ڪڍي وئي آهي، اعلانن کي مهيني کان وڌيڪ وقت گذري وڃڻ باوجود ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو،جنهن سبب 16 لک ٿر واسي سخت اذيت واري زندگي گهاري رهيا آهن.

ٿر ۾ ڏڪار  سبب ٻارڙن ۾ غذائي   کوٽ پيدا ٿي وئي  آهي ، جنهن  سبب معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص جاري آهي.

چوپائي مال جو چارو مڪمل طور ختم ٿي ويو  آهي،جنهن سبب اُٺ ۽ ٻيو چوپايو مال مئل جانورن جا هڏا کائيندي نظر اچي رهيا آهن.

سول اسپتال مٺي ۾ ڳوٺ صالح جنهنجي واسي نعيم بلاول جي ستن مهينن جي معصوم نياڻي مارئي سميت هڪ ٻيو تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويا آهن.

هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 32 ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي لڏپلاڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي،روزاني سوين ماڻهو خاندان ۽ چوپائي مال سميت لڏپلاڻ ڪري  رهيا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے