24 بدھ , اکتوبر 2018

سيف سٽي پراجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي سيف سٽي پراجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. شهريار آفريدي محرم الحرام جي مناسبت سان سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سيف سٽي پراجيڪٽ آفيس اسلام آباد پهتو، جتي هن ڪنٽرول روم ۾ لڳل مانيٽرنگ سسٽم ذريعي جلوسن جو معائنو به ڪيو.  ان موقعي تي آءِ جي اسلام آباد مملڪتي گهرو وزير کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ سڀاڻي 17 جلوس نڪرندا، جڏهن ته 2586 اهلڪار مقرر آهن. شهريار آفريدي ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ سيف سٽي پراجيڪٽ ۾ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي وڌيڪ مقرري جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، سيف سٽي پراجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے