20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عاشور جي ڏهاڙي تي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش، سڄي ملڪ ۾ جلوس، موبائيل سروس بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سميت سڄي ملڪ جي اڄ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. حفاظتي انتظامن کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي شهرن ۾ موبائيل فون سروس اڄ به معطل آهي. جلوسن جي گذر گاهن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، هنڌ هنڌ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. 10 محرم الحرام جي موقعي تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي آهي ۽ شهرن جي داخلي رستن تي به گاڏين جي سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، شڪارپور، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا، سرگوڌا، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن ۽ نياز سميت سبيلن جو به اهتمام ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 10 محرام الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان نڪتو آهي جنهن جي قيادت ابو تراب اسڪائوتس ڪري رهيا آهن. آءِ جي سنڌ ڪليم امام پوليس آفيسرن کي مجلسن جا غير معمولي سڪيورٽي انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ايندڙ ويندڙ رستن تي مضبوط رابطن تحت سڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن جڏهن ته انٽيليجنس کي به علائقي جي سطح تائين وڌايو وڃي. لاهور ۾ عاشور جي ڏهاڙي جو مرڪزي جلوس نثار حويلي اندروني سنڌ موچي گيٽ کان نڪتو  جيڪو روايتي رستن تي گامزن آهي جيڪو شام تي ڪربلا گامي شاهه پهچي پڄاڻي تي پهچندو.  پشاور ۾ به 10 محرم الحرام تي 12 جلوس ڪڍيا ويا آهن. ڪوئيٽا ۾ مرڪزي ماتمي جلوس صبح 9 وڳي عملدار روڊ تي رحمت الله چوڪ، پنجابي امام بارگاهه مان نڪتو جنهن جي قيادت بلوچستان شيعا ڪانفرنس جي صدر سيد دائود آغا ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي …