23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف امام بارگاهن جو دورا ڪيا.

ايس ايس پي ٽنڊالهيار عمران رياض عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ مرڪزي انجمن حيدري، سمن آباد پڙ ۽ مختلف امام بارگاهن جا دورا ڪري سڪيورٽي انتظامن بابت ڄاڻ ورتي.

مختلف امام بارگاهن جي دوري بعد ايس ايس پي عمران رياض سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا.

ان موقعي تي ايس ايس پي عمران رياض سان گڏ ٽائون چيئرمين چمبڙ جبران لغاري ۽ صدر  پريس ڪلب حبيب احمد مغل سميت ٻيا موجود هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے