24 بدھ , اکتوبر 2018

عاطف خان امير حيدر هوتي جي اين اي 21 مردان تان چونڊ ۾ ڪاميابي چئلينج ڪري ڇڏي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عاطف خان اي اين پي جي امير حيدر هوتي جي اين اي 21 مردان تان چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کي چئلينج ڪري ڇڏيو. ڪي پي جي راندين واري صوبائي وزير عاطف خان اڳوڻي وڏي وزير ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ امير حيدر هوتي جي ڪاميابي کي پشاور هاءِ ڪورت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. عاطف خان جي درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ امير حيدر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.  ٻئي طرف عاطف خان عوامي نيشنل پارٽي جي ئي اڳواڻ حمايت الله مايار تي ساک کي نقصان کي نقصان جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن ۾ اي اين پي اڳواڻ تي چونڊ جلسن دوران غلط زبان استعمال ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي. عاطف خان حمايت الله مايار تي اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ دعويٰ داخل ڪئي آهي جنهن تي عدالت کيس نوٽيس جاري ڪندي 24 سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے