18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڪيڏارو ۽ ڪربلا جو ڪرب

شفيق الرحمان شاڪر

ڪربلا جنهن سان ڪرب يعني اذيت،درد،مصيبت ۽ بلا يعني آزمائش جو عجيب ۽ عظيم داستان سلهاڙيل آهي.جتي سچ ۽ ڪوڙ جو اهو تاريخي معرڪو پيش آيو جنهن ۾ هڪ طرف هٿين  خالي حسيني قافلو ته ٻئي طرف هٿيارن ۽ طاقت سان ليس يزيدي لشڪر پر پوء به حسينيت سر ڏيئي سرخرو ٿي ۽ يزيديت پنهنجي سموري ساز سامان هئڻ باوجود قيامت تائين منهن مٿو پٽيندي رهجي ويئي.شهادت جي اها سختي جيڪا امامن کي درپيش آئي سا هرڪنهنجي سمجھه ۽ شعور ۾ اچڻ جي ڳالهه ناهي.رڳو رند ئي اهو راز پروڙي سگھن ٿا.

سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛

ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛

ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.

 

سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛

رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.

عليءرضه جا شير جنهن شان سان مديني مان هن دردناڪ سفر تي روانا ٿيا سو شان سدائين سلامت رهندو.

چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛

اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛

عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.

ها ڪربلا، هي ئي اهو ميدان آهي جتي امامن سان ظلم ۽ ستم جي انتها ٿيڻي هئي،پر سچ اهو آهي ته هي ئي اهو ميدان آهي جتي خاندان نبوت جي شجاعت،سخاوت،صبر،تحمل،دليري ۽ سرويچيءَ جا دلڪش منظر آسمان کي ڏسڻا هئا.

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛

جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛

مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.

 

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛

ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛

ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.

هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي جو جڳ جي ڪارڻي سرڪار ڪائنات جي اکڙين جا تارا،فاطمه رضه جي نيڻن جا ٺار ۽ عليءَ رضه جي جگر جا ٽڪرا ان عجيب بيوسي ۽ بيحسيءَ وارين حالتن جو نشانو بڻيا.سهڻو لطيف انهيءَ راز تان هنن لفظن ۾ پردو هٽائي ٿو ته

دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛

خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛

اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛

اِنَھِين مَنجِھه آھي، ڪا اُونھي ڳالھهِ اِسرارَ جي.

اهي اونها اسرار دنيا جا طالب نه سمجھي سگھندا.انهن جو مثال ته ان ڳجھه جيان آهي جيڪا هر وقت ڍونڍ جي تلاش ۽ طلب ۾ در در جا ڌڪا کائيندي رهي ٿي، ڳجهه کي ڪهڙي خبر ته عقابي اڏام ڇا ٿيندي آهي؟شهبازن جو شان ڇا ٿيندو آهي؟جھونجهارڪو جهان ڇا ٿيندو آهي؟سرفروشيءَ جو سرور ڇا ٿيندو آهي؟اهي جيڪي عشق جي اوچي منزل ماڻي ويٺا اهي محبوب جي محبت ۾ مرڻ لاء هر وقت کڙيون اڀيون ڪري اڳتي اچڻ لاء آتا رهن ٿا.

آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛

سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛

اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.

رڪ جي راند ۾ مانجھين جو مرڪ ئي اهو آهي ته اهي موت سان اکيون اکين ۾ وجھي مرڪندي پنهنجو سر صدقي ڪري ڇڏين ٿا.

ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛

وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

 

گھوٽن ۽ گھوڙن جو پنهنجو جهان آهي.اهي ڪڏهن قيدن ۾ واڙيل ته ڪڏهن رڻ جي راهن تي نظر اچن ٿا.اهي دنيا جي پويان پنهنجو ايمان نٿا وڪڻن.ڪنهن طالم سامهون پنهنجو ڪنڌ نٿا نمائين،ڪنهن جابر سامهون حق جو ڪلمو چوڻ کان نٿا ڪنبن.خسيس دنيائي شين کي ته اهي پنهنجي جتيءَ جي ٺوڪر هڻن ٿا.

گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛

ڪَڏَھِن مَنجِھه ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.

 

الست جي جنهن جهان ۾ اها ريت هلي ٿي ته

‘ڀَڳو’ آئوُن نه چَوان؛ ‘مارِيو’، ته وِسَھان؛

ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛

ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.

پر يزيديت جا وارث! هڪڙي ڳالهه ياد رکن ته حسينيت سان ڦٽائڻ وارن لاءِ ٻنهي جهانن ۾ امن ناهي،بچاء جي ڪا صورت ناهي، اُهي وڏي نقصان جو سودو ڪري ويٺا آهن.

 

جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛

سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن..

 

اها ڪهڙي بهادري آهي جو معصومن کي پاڻيءَ ڍڪ نٿو ڏنو وڃي،اها ڪهڙي پهلواني آهي جو هٿين خالي ٻارڙن ۽ ضائفائن تي تراون سڌيون ڪيون ٿيون وڃن.ها اها ئي ڪربلا آهي،اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.

ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛

اُتي عَليءَ شاهَه کي، شَهزادا سارِينِ؛

نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙههُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!

پر سورهين کي سوڀون تڏهن ئي نصيب ٿين ٿيون جڏهن اهي دل جا سڀ وهم وساري ايمان جي طاقت جو ڏيئو ٻارين ٿا،انهن کي موت سامهون ڍالون ڍارڻ جي ڪا ڳڻتي نٿي رهي جو موت ته محبوب جي مشاهدي جو نالو آهي.

سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛

ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛

مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.

انهيءَ سموري قضيي ۽ قصي جو اسرار ڪو سمجھي سگھي يا نه پر حقيقت اها آهي ته

 

جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛

فانِي ٿِيا ‘فى اَللهَ’ ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛

رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!

باقي غم حسين ته ايمان جو حصو آهي،محبت جي تقاضا آهي،الفت جو اصول آهي،اهو غم ڪائناتي آهي،ڪائنات جو ذرو ذرو غم حسين سان آشنا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے