16 منگل , اکتوبر 2018

۽ ڊيل ٿي وئي……؟

ناصر جمال

گذريل رات کان عجيب ڪيفيت ۾ آهيان، دل آرام ڪرڻ لاءِ پئي چوي، ۽ هاڻي ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ تي دل ٿي چوي، ڪيئي ڏهاڪن جو ٿڪا آهي ۽ صدين جو عذاب آهي، اها ئي زبان بند رکڻ جي موسم آهي ۽ اهو ئي اڌ اڌ سچ آهي، اهي ئي منصف آهن، اهي ئي فيصلا آهن، اهي ئي عبادتون آهن، اهي ئي عمارتون آهن، اهو ئي ڪوفي جو شهر آهي ۽ اهو ئي مزاج آهي، منظر آهي جو بدلجڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. . اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ “ شريفن” جون سزائون معطل ڪري ڇڏيون آهن. اسلام آباد جي حلقا پهرين ڏينهن کان ئي ڪجهه ٻينون خبرون ڏيندا هيا، سندن چوڻ هو ته افتخار محمد چوڌري زنده هوندي ڏهه لکن جو هو ۽ هاڻي سوا لکن جو ٿي ويو آهي. ان جا ٻالڪا هاڻِ کيس “ مربيئ ئي تسليم ڪن ٿا.

اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ ۾ 18- ڪيس جي سماعتون ٿيون. عدالت جو موڊ ۽ ڪمزور پراسيڪيوشن سڀ ڪجهه واضع ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ موقعي تي پراسيڪيوٽر جو هڪڙو سوال ته اصل تاريخ ۾ امر ٿي ويو، “ جناب هڪڙو سوال خواجا حارث کان به ته ڪيو؟. بحرحال سزا معطل ٿي وئي، ضمانت جي مچلڪا جمع ٿي ويا ۽ هاڻي شريف ۽ شريف جو ناٺي آزاد هوا ۾ ساهه کڻندا. اهو انهن جو قانوني حق آهي مچلڪا اربين روپين جي هير ڦير جا آهن ۽ مچلڪا ڪُلُ پنج پنج لکن جا جمع ٿيا آهن. مان تيز تر انصاف جي فراهميءَ تي پاڪستان جي عدليه کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪيان ته اهڙو انصاف عوام لاءِ به هوندو. هاڻي لکين ڪيس فقط سوين ڏينهن ۾ پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندا. جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ اوهان اهو ڇو نه ٿا مڃو ته هن ملڪ ۾ هڪ نه پر هڪ کان وڌيڪ نظام ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي ” اشرافيه“ لاءِ ٻيو نظام آهي ۽ عوام لاءِ ٻيو نظام آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال هوندي ته پوءِ رياست جي ”جزئيات“ تي سوال نه ٿيندا ته پوءِ ڇاٿيندو. هتي ته ضمانت جو ڪيس ئي نه ٿو لڳي انصاف ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي.

بيوروڪيريٽس جو ڪيريئر تباهه ٿي ويو آهي جو هتي ڪيس ئي نه ٿا لڳن، بيوروڪريٽ جهڙو طاقتور طبقو پنهنجي ڪمزور پٽي ڀائن کي سبق سيکاري رهيو آهي هر طرف جهڙوڪر تباهي مچي وئي آهي. عام ساک ڪٿان انصاف وٺي ۽ ڪٿان سستو وڪيل ڪري، هو مههانگا وڪيل ڪرڻ جي سگهه نه ٿو رکي. آصف علي زرداري حلفي بيان نه ٿو ڏيڻ چاهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه اليڪشن ڪميشن ۾ چيو آهي پوءِ ان جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي. اسان 71- سالن کانپوءِ ڪٿي بيٺا آهيون. غريبن لاءِ جوڙيل ملڪ جنهن ۾ اڄ تائين فقط ” اشرافيه“ حڪومت ڪري رهي آهي. تبديليءَ کانپوءِ هن ملڪ جو مقدر ذولفي بخاري ۽ اسد عمر جي هٿن ۾ آهي.

بقول شاعر…،

هين جسم نئين ان ڪي سوچ مگر پراني

دستار تو بدلي هي مگر سر نهين بدلا

هاڻي ته هرگذرندڙ ڏينهن سان هن ملڪ جي مستقبل لاءِ مايوسي وڌي رهي آهي. الله سائين هيڏي وڏي ڪائنات ٺاهي آهي جيڪا سمورن نقصن کان پاڪ آهي، ڪائنات جو هر ذرو پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته الله سائين پنهنجي نائب کي اهو ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن سسٽم نه ٺاهيندا ته ائين ئي درپدر رلندا رهندا. اوهان هر طرف ڏسو جتي سسٽم آهي اتي ترقي ۽ سڪون آهي ۽ جتي سسٽم نه آهي اتي بدنظمي ۽ افراتفري ۽ تباهي آهي.

اڄ پاڪستان ۾ طاقتور هجڻ ئي سڀ ڪجهه آهي ڪمزور هجڻ ڏوهه آهي هونئن ته رياست ته رياستجي قيام جو مقصد به اهو ئي هيو ته رياست اندر طاقتور ۽ ڪمزور برابر هوندا پر هاڻي اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته اهي فقط ڪتابي ڳالهيون آهن. اسان کي هونئن به ڪتاب سان ڪو تعلق نه آهي جنهن وٽ آئين جو ڪتاب آهي ، آئين متعلق ان جي تشريح به پنهنجي ئي آهي. اسان جو هڪ بزرگ شير افگن نيازي چوندو هو اوهان مون کي ڀلي هٿرادو قانون دان چئو يا ڊاڪٽر چئو، پر مون کي خبر آهي ته قانون ۽ آئين ڇا آهي.

ڪجهه ماڻهو ڄائي ڄم کان فتني باز هوندا آهن، وري چون ٿا ته سعودي عرب وري ” شريفن“ کي هڪ دفعو وري   ” ڊيل“ يا ”ڍلهه“ جو حصو آهن، هتي ”ڪوفي“ جي شهر جا ” باز“ ڪجهه ٻيون ئي خبرون آڻي رهيا آهن، ملڪ ۾ پئسا ئي نه آهن. عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي چيو هو ته هاڻي ته اهي ئي پراڻيون ڳالهيون ورجائجي رهيون آهن. اوڌر تي ٻه ارب ڊالرن جي تيل جون ڳالهيون. اهڙو ئي منظر نواز شريف جي جي پهرين ڊيل ۾ به ٿيو هو. پرويز مشرف کي چيو ويو هو ته هاڻي پنهنجي تيل جي ذخيرن جي معلومات ڪري وٺو ڪيترن ڏينهن جا آهن، پوءِ اوهان سعودي عرب اچي ملو. پرويز مشرف کي پهريا نجدهه ۽ پوءِ رياض ۾ چار ڪلاڪ انتظار ڪرايو ويو، پوءِ فقط ست ڏينهن جي تيل جا ذخيرن رکندڙ ملڪ کي اهو چيو ويو ته اوهان کي نواز شريف کي ته ڇڏڻو پوندو. بدلي ۾ اوهان کي ڇا گهرجي ٻڌايو، پرويز مشرف جي حڪومت اڳ ئي شديد مالي بحران جو شڪار هُئي ، پوءِ اربين ڊالرن جو تيل جيڪو اڌ مفت ۽ اڌ ڊفر پيمينٽ تي هو پاڪستان کي مليو ان سان گڏ پاڪستان کي مالي امداد به ملي ۽ اهڙي ئي امداد نواز شريف حڪومت کي به 2013ع ۾ ڏني وئي.

دوست چئي رهيا آهن سعودي عرب جا پير ڪجهه مٿي رکجي جو هاڻي قطر جي لاڳاپن کي به سان به ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي آهي. عمران خان کي خصوصي پروٽوڪول ۾ گهرايو ويو آهي، بحرحال ان پنهنجي انا جي قرباني ڏني آهي. 10- ارب ڊالرن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، بحرحال جيترا وات آهن اوتريون ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته معاملا ڪجهه الڳ ئي نوعيت سان طئي ٿيا آهن. هو سعودي عرب جي دوري جو حصو نه آهي، هو پنهنجي دوري جو جوابدار پاڻ آهي. فل الحال سعودي سفارتخاني جي فرمائش تي علامه طاهر اشرفي کي نوازڻ جا تصديق جوڳا اطلاع اچي رهيا آهن.ان جو رستو هموار ڪيو پيو وڃي، آخر ڪار ڪوڙو ڍُڪُ ته پيئڻو ئي پوندو. باقي رهجي ويا ويا عمران خان جي حوالي سان ايران جا لاڳاپا ته اهي به لڪ ڇپ ۾ هلي رهيا آهن. ڏکڻ ڪوريا ۽ اتر ڪوريا جي لاڳاپا جي بحالي ۽ ۽ آمريڪي حڪومت سان انهن جي معلومات جي ڏي وٺُ ڪرڻ وارا معاملا پنهنجي جاءِ تي پر ڳالهيون اڃان به اڳتي آهن. محترم بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجيءَ متعلق پنهنجين ڪوششن جي قيمت اڳ ئي ڏئي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اوهان اهو وساري ڇڏيو ته ڪو اوهان آصف علي زرداريءَ کي فڪس ڪري ڇڏيندا. هونئن به اڄڪلهه ڊيل ۽ ڍل جو دور آهي ۽ ائين سمجهو ته شريف خاندان جهڙوڪر هڪ ٻيو پيرول مليوآهي. انهن جا بيان ۽ سياسي ڪارڊ ايندڙ ڏينهن ٻه ۾ گهڻو ڪجهه واضع ڪري ڇڏيندا. پاڪستان جي عوام کي پنهنجن خوابن جي تعبير لاءِ اڃان تمام گهڻا سفر طئي ڪرڻا پوندا. پر خبر ناهي ته الائي ڇو اڄڪلهه منهنجي دل چوڌري افتخار محمد لاءِ نعرا هڻڻ لاءِ اڌما کائي رهي آهي، چئي رهي آهي ته مان چيف تيري جان نثار، بي شمار… بي شمار جا نعرا بلند ڪيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وچ اوڀر کنڊ (ڳاڙهو کنڊ) جي عظيم الشان تاريخ ۽ اڄ جون ڪمزوريون

پريم مٿراڻي آخري حصو وچ اوڀر جو غير تاريخي سرمائيداري تصور وچ اوڀر کنڊ، هن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے