21 اتوار , اکتوبر 2018

چڪوال ۾ تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام،2 مبينا دهشتگرد گرفتار

چڪوال ( ويب ڊيسڪ ) چڪوال ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي شهر ۾ دهشتگرديءَ جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائي ٻن مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.  پوليس ڪارروائي ڪندي چڪوال ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو.  پوليس اختيارين موجب تصديق ٿيل اطلاعن تي ربال موڙ جهلم روڊ تي 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، دهشتگردن جي قبضي مان هڪ ڪلو ڌماڪيدار مادو، 4 ڊيٽو نيٽر ۽ 12 فوٽ پرائما ڪارڊ هٿ ڪيو ويو. دهشتگردن جي سڃاڻپ عبدالحميد ۽ عبدالرحمان جي نالي سان ٿي آهي. عبدالحميد جو تعلق صلعي بهاولپور ۽ عبدالرحمان جو تعلق ضلعي مظفر ڳڙهه سان آهي. دهشتگردن کي نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے