20 ہفتہ , اپریل 2019

اڊيالا جيل ۾ حنيف عباسي جي تصوير واري معاملي جي جاچ شروع

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ نواز شريف ۽ حنيف عباسي جي تصوير جي معاملي جي جاچ ڪندڙ پنجاب حڪومت جي ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان حنيف عباسي جي موجودگي ۽ تصوير جو نوٽيس ورتو هو ۽ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي هئي. ڪميٽيءَ ۾ ڊي آءِ جي جيل فيروز شوڪت ۽ اي آءِ جي ملڪ صدر نواز شامل آهن جنهن اڄ کان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي جيلن واري وزير جو چوڻ آهي ته 2 رڪني ڪميٽي اڄ قانون خلاف سمورن معاملن جو جائزو وٺندي ۽ 72 ڪلاڪن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميتي جاچ ڪندي ته جيلز جي ڪمري ۾ تصوير ٺاهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي،ايفي ڊرين ڪيس جي جوابدار حنيف عباسي کي ايڊمن بلاڪ ۾ وڃڻ جي اجازت ڪنهن ڏني ۽ ڇو ڏني، کيس تصوير ڪڍڻ لاءِ موبائيل فون ۽ نواز شريف جي آزادي جي خوشيءَ ۾ مٺائي ڪنهن فراهم ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے