20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پنجاب ۾ مدرسن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي جاچ پڙتال جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت قومي ايڪشن پلان تحت سڄي صوبي ۾ قائمي ديني مدرسن ۾ تعليم هيٺ ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نئين سر جاچ پڙتال جو فيصلو ڪيو آهي.  پنجاب حڪومت قومي ايڪشن پلان تحت صوبي ۾ قائم ديني مدرسن ۾ تعليم هيٺ  ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نئين سر جاچ پڙتال جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شاگردن ۽ سندن والدين کان نئين سر بيان حلفي حاصل ڪيو ويندو ته سندن يا سندن ٻارڙن جو ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه وري رهندو. نئين سر بيان حلفي نه ڏيندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي مدرسي مان فارغ ڪيو ويندو.  ٻئي طرف پنجاب حڪومت ديني مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اهڙن پرڏيهي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي جن جي ويزا جو مدو ختم ٿي چڪو آهي يا ختم ٿيڻ وارو آهي. پنجاب حڪومت جي هڪ حساس اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته لاهور ۾ 375 کان وڌيڪ پرڏيهي شاگردن جي ويزا ختم ٿي چڪي آهي، گجرات ۾ 47، راولپنڊي ۾ 50، چڪوال ۾ 29، ساهيوال ۾ 21، قصور ۾ 33، گوجرانوالا ۾ 75، اٽڪ ۾ 67، فيصل آباد ۾ 55، ڀکر ۾ 39، ڊي جي خان ۾ 75 ۽ راجن پور ۾ 39 پرڏيهي شاگردن جي ويزا جو مدو ختم ٿي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے