24 بدھ , اکتوبر 2018

پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر چونڊجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان کي هڪ دفعو ٻيهر ٻن سالن لاءِ  انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر چونڊيو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب  اها چونڊ آسٽريا جي شهر ويانا ۾ ٿيل آءِ اي اي جي هڪ اجلاس ۾ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين محمد نعيم ڪئي. پاڪستان ائٽمي توانائي ڪميشن جي ترجمان موجب پاڪستان جي چونڊ سفارتي سطح تي هڪ وڏي ڪاميابي ۽ جوهري ٽيڪنالوجي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ پاڪستان جي نمايان ڪردار جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي هڪ عالمي تنظيم آهي جيڪا جوهري توانائي جي پرامن استعمال ۽ ائٽمي هٿيارن جي تياري سميت فوجي مقصدن لاءِ استعمال کي روڪڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. آءِ اي اي اي جو هيڊ ڪوارٽر آسٽريا جي شهر ويانا ۾ آهي جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ سڪيورٽي ڪائونسل جوابده آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے