24 بدھ , اکتوبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڪيترن ئي حريت اڳواڻن کي گهرن ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي محرم الحرام ۾ به جاري آهي.  قابض ڀارتي فوجين طرفان والاريل ڪشمير ۾ ٻئي ڏينهن به عاشور جي ڏهاڙي جي جلوسن کي روڪڻ لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. ڀارتي فوج هٿين خالي ڪشميرين تي فائرنگ به ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي حريت اڳواڻن کي نظر بند ڪيو ويو آهي. قابض ڀارتي فوج حريت اڳواڻ مير واعظم عمر فاروق کي عزادارن جي قيادت ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ نظر بند ڪيو آهي ۽ جمعي جو خطبو ڏيڻ کان به روڪيو ويو آهي.  سرينگر سميت مختلف علائقن ۾ به ڀارتي فوج جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.  ضلعي بانڊي پوره ۾ سرچ آپريشن دوران 2 ڪشميري نوجوانن کي به شهيد ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے