23 منگل , اکتوبر 2018

چيف جسٽس لنواري ٽنل جي بندش جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار لواري ٽنل  جي بندش نوٽيس وٺي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين، سيڪريٽري مواصلات ۽ چيف سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار لواري ٽنل جي بندش جو نوٽيس چترال جي رهائشي جي درخواست تي ورتو آهي. شهري پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته لواري ٽنل مڪمل ٿيڻ باوجود رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ کوليو پيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لواري ٽنل کي کولڻ سان گاڏين جي ڊگهي قطار لڳي ويندي آهي. شهري جي درخواست تي نوٽيس وٺندي عدالت چيئرمين اين ايڇ اي، سيڪريٽري مواصلات ۽ چيف سيڪريٽري کان پنجن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے