18 جمعرات , اکتوبر 2018

چيف جسٽس خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي فيصل رضا عابدي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي فيصل رضا عابدي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان شاهد حسين جي فرياد تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فيصل رضا عابدي خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جي شق 7 اي ٽي اي به لڳائي وئي آهي. فيصل رضا عابدي پ پ ڪراچي ڊويزن جو صدر رهيو آهي پر پارٽي سان اختلافن سبب هن عهدي تان استعيفيٰ ڏني جڏهن ته هو 2009 ع کان 2014ع تائين سينيٽر به رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قابض ڀارتي فوج وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

سري نگر(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج ضعلي پلوامه ۾ ڪارروائي ڪندي وڌيڪ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے