21 اتوار , اکتوبر 2018

شاهه محمود قريشي سڀاڻي آمريڪا جي دوري تي روانو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي آمريڪا روانو ٿيندو. شاهه محمود قريشي ڀارتي هم منصب سشما سوراج سان گڏ ٽرمپ انتظاميه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو.  شاهه محمود قريشي پنهنجي هفتي جي ڊگهي دوري دوران پاڪستانين جي اجلاسن کي به خطاب ڪندو.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جنرل اسيمبلي جي سيشن کي 29 سيپٽمبر تي خطاب ڪندو. پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ ترسڻ دوران پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪندو. اها ملاقات شاهه محمود قريشي ۽ سندس آمريڪي هم منصب وچ ۾ هلندڙ مهيني اسلام آباد ۾ رٿيل ملاقات جو تسلسل هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے