23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | مسوڀرڳڙي: عاشور جي موقعي تي 30 کان وڌيڪ ننڍا وڏا جلوس برآمد

مسوڀرڳڙي ۾ عاشور جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس سميت 30 کان وڌيڪ ننڍا وڏا جلوس برآمد ڪيا ويا.

ڇلگري، جيندل ڪوٽ، لطيف شاهه ، واڻڪي  وسي ۽ هٽڙي سميت ٻين علائقن مان 30 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني.

مختلف علائقن مان آيل پڙن ۾ لغارين ،وِگهين، ميراسين ۽ خاصخيلين سميت سيدن جا پڙ شامل هئا، جن ۾ شامل عزادارن گڏجي الله والا ڍوڪ تي نوحا خواني ۽ ماتم ڪيو.

جلوس ۾زنجير زني جو ماتم ڪندي هڪ سئو کان وڌيڪ عزادار زخمي ٿي پيا، کين طبي امدادي ڪيمپ پهچايو ويو.

هوڏانهن ماتمي جلوس ۽ گذرگاهن سميت مجلسن وارن هنڌن تي سڪيورٽي جا سخت انتظام پڻ ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے