21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قديمي مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاه شاھ نجف مان سيج  تعزين، ذوالجناح ۽مولا غازي عباس جي علم پاڪ سان شيعا اڳواڻ زوار ڄام فيروز علي انڙ، اميرحسين ساجدي، زووار ڄام ۽  نوروزعلي انڙ  ۽  ٻين جي اڳواڻي  ۾ برآمد ڪيو ويو .

ماتمي جلوس شھرجي  مختلف رستن تان ٿيندو قومي شاھراھ  تي پھتو.

ماتمي جلوس م سردار ڪالوني شير محمد ڪالوني، آفتاب ڪالوني ڳوٺ لاکاٽ ڳوٺ پڊ شريف  گھرام مري امام بارگاه فقير رسول بخش ۽مختلف شھرن  ۽   ڳوٺن مان 260کان وڌيڪ ماتمي قافلا مرڪزي امام بارگاه شاھ نجف پهچي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيا

عزادارن  گرزن،زنجيرن، ڇرين  ۽ چاقن  سان سينازني ڪندي يا حسين ياحسين جون صدائون بلند ڪيون .

جلوس جي پڄاڻي تي  شامي غريبا برپاڪئي وئي .

رابطو ڪرڻ تي شيعا اڳواڻ زنوار امير حسين ساجدي ٻڌايو  10محر واري ماتمي جلوس  ۾ 260 کان وڌيڪ پڙن تان ماتمي جلوس نڪتا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے