24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

آچار امام بارگاھ  مان نڪتل مرڪزي ماتمي جلوس مختلف رستن کان ٿيندي انجمن حيدري تي نھر ٿيو، جنھن ۾ ھزارين عزادارن شرڪت ڪري نوحا خواني ۽ ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني.

مرڪزي ماتمي جلوس ۾ تعلقي چمبڙ جي مختلف امام بارگاھن  ۽ پڙن مان 42 کان وڌيڪ قافلا شامل ٿيا، جن ۾ 20 سيجون  ۽8 ذوالجناح به شامل هيون.

جلوس ۾ زنجيرين ۽ چاقن سان ماتم ڪندي 50 کان وڌيڪ عزادار سخت زخمي ٿيا، کين طبي امدادي ڪيمپن ۾ آندو ويو.

هوڏانهن مرڪزي ماتمي جلوس جي سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار عمران رياض ۽ ڊي سي سجاد حيدر شاھ سميت ٻيا عملدار پهتا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے