23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | ميرپورماٿيلو: عاشور جو ڏهاڙو احترام ۽ عقيدي سان ملهايو ويو

سڄي ملڪ جيان ميرپورماٿيلو ۾ به مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

باقر پڙ مان نڪتل ماتمي جلوس روايتي رستن کان گذرڻ دوران نوحا خواني سان گڏ سينازني زنجيرن جو ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

مختلف جاين تي مٺي پاڻي جو سبيلون ۽ نگر نياز جو بندوبست پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته ماتمي جلوسن، گذرگاهن ۽ ٻين هنڌن تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

هوڏانهن 10 محرم جي موقعي تي سڄي ضلعي ۾ 5 سئو 95 مجلسون ڪوٺايون پيون وڃن، جڏهن ته 85 ننڍا وڏا ماتمي جلوس بر آمد ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے