23 منگل , اکتوبر 2018

پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿي ويو. پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعه  به پرڏيهي وزير سان گڏ وئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئلي سميت مختلف معاملن تي ڀرپور طريقي سان پاڪستان جو موقف بيان ڪندو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس دوران پاڪ-ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي جنهن کي ڀارت قبول ڪيو هو.ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ 27 سپٽمبر تي نيويارڪ ۾ ملاقات به طئي ٿي وئي هئي، پر گذريل ڏينهن نئين دهلي طرفان اها ملاقات رد ڪئي وئي آهي. ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ بي ايس ايف اهلڪارن جي قتل جو ملبو پاڪستان تي وجهڻ ڪري پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات رد ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے