16 منگل , اکتوبر 2018

موسميات کاتي پاران اڄ کان ڪراچيءَ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي، سامونڊي هوائون بند

Weather Department Today's heat-rising predecessors, the beach closed offڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ سامونڊي هوائن بند هئڻ سبب ۽ اتر اولهه وارن علائقن کان هلندڙ هوائن موسم کي گرم ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته موسميات واري کاتي اڄ کان ڪراچي ۾ گرمي جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات واري کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالرشيد خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خليج بنگال ۾ هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب 4 ڏينهن تائين ڪراچي ۾ سخت گرمي واري صورتحال رهندي.  موسميات واري کاتي جي ڊائريڪٽر ان دوران شهر جو گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات واري کاتي موجب 26 سپٽمبر کانپوءِ گرمي زور ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿيندي.واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۽ جون ۾ پڻ سنڌ جي راڄڌاني جا رهواسي ڪيئي ڀيرا هيٽ ويو کي منهن ڏئي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے