20 ہفتہ , اکتوبر 2018

وائرل تصوير وارو معاملو: حينف عباسي اڊيالا کان اٽڪ جيل منتقل

Viral Transactions: From Hanif Abbasi to Andal to Jailراولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل مان تصوير وائرل ٿيڻ واري معاملي بعد ايفيڊرين ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ مسلم ليگ اڳواڻ حنيف عباسي کي اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو، جنهن جي جيل انتظامياپڻ تصديق ڪري ڇڏي. واضح  رهي ته 19 سپٽمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا يافته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن( ر ) محمد صفدر جي سزا معطل ڪري کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اُن ئي ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي جي موقعي تي جيل سپرنٽنڊنٽ جي آفيس مان ميان نواز شريف، سندس ڀاءَ شهباز شريف ۽ حنيف عباسي جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن تي اهو اعتراض اُٿاريو ويو ته سزا يافته هئڻ باوجود حنيف عباسي جيل سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۾ ڇو موجود هو. معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پنجاب حڪومت طرفان ان جي جاچ جي شروعات ڪئي وئي ۽ ڊي آءِ جي جيل ملڪ شوڪت فيروز ۽ آي آءِ جي جوڊيشل پنجاب ملڪ سرفراز نواز تي ٻڌل جاچ ڪميٽي جوڙي وئي. جنهن کانپوءِ جاچ ڪميٽي جي تجويز تي حنيف عباسي کي اڊيالا جيل کان اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ياد رهي ته ن ليگي اڳواڻ حنيف عباسي کي 21 جولائي تي ايفيڊرين ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن کانپوءِ هو اڊيالا جيل ۾ قيد هو، پر هاڻ کيس اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جيل انتظاميا پڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے