20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڀارت جي ڳالهين کان پوئتي هٽڻ تي افسوس آهي: شاهه محمود قريشي

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت طرفان ڳالهين کان پوئتي هٽڻ تي  افسوس ٿيو آهي،  ٻنهي ملڪن جي حل طلب مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي. دوحا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ حل طلب مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي، ڳالهين سان سموري خطي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ موقف ڀرپور نموني سان پيش ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ به پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ملاقات گڏيل لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے