17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪراچي پوليس چيف اهلڪارن جي جديد هٿيارن کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس چيف امير شيخ اهلڪارن جي جديد هٿيارن کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پوليس اهلڪارن طرفان اتفاقي گولي هلڻ سان جاني نقصان ٿيا آهن جڏهن ته جديد هٿيار عوام ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکيڙڻ جو سبب بڻجندا آهن، عوام ۾ پوليس بابت ناڪاري تاثر پيدا ٿيو آهي.  ڪراچي پوليس چيف امير شيخ اسڪواڊ ڊيوٽي، پئٽرولنگ، پڪٽس، مددگار 15 ۽ موٽرسائيڪل اسڪواڊ جا هٿيار فوري طور تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پوليس چيف امير شيخ هدايت ڪئي ته موٽرسائيڪل اسڪواڊ کي سب مشين گن جي جاءِ تي پستول يا ريوالور جڏهن ته ڊيوٽي، پوليس پئٽرولنگ، پڪٽس پوائنٽس تي ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن ۽ مددگار 15 موبائيل کي جديد هٿيار ۽ هڪ پسٽول ڏنو وڃي. ڪراچي پوليس چيف پوليس پئٽرولنگ ۽ اسڪواڊ ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن کي اها به هدايت ڪئي ته پبلڪ هنڌن تي جديد هٿيارن جي نمائش نه ڪئي وڃي ۽ نه ڪنهن تي هٿيار تاڻيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے