20 ہفتہ , اپریل 2019

خواجه آصف جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه محمد آصف جي عام چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار پنهنجي وڪيل ڪاظم علي ملڪ ذريعي چونڊ عذرداري داخل ڪئي آهي جنهن ۾ مختلف نوعيت جا اعتراض اٿاريا ويا آهن. درخواستگذار موجب اين اي 73 سيالڪوٽ ۾ ڪامياب ٿيل خواجه آصف نامزدگي ڪاغذن سان اڻ تصديق ٿيل حلفي بيان جمع ڪرايو آهي. عثمان ڊار دعويٰ ڪئي ته  خواجه آصف پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثا ظاهر نه ڪيا آهن. درخواستگذار موجب اليڪشن ڪميشن جو عملو اليڪشن ايڪٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ 53 پولنگ اسٽيشن جي پولنگ بيگز چونڊن جي ايندڙ ڏينهن جمع ڪرايا  ويا. درخواستگذار ۾ اهو نقطو به اٿاريو ويو ته 1406 ووٽن جي فرق سبب ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏيڻ گهرجي. چونڊ عذر داري ۾ درخواست ڪئي وئي ته اين اي 73 تان خواجه آصف جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے