24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز : ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب غثپور شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، شهري عذاب ۾

News: Poor city of dirty city due to negligence of Town Practice went on, in urban punishmentغوثپور  شهر  ٽائون عملي جي لاپرواھي سبب گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جنهن ڪري شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ضلعي ڪشمور جو ٽيون نمبر اھم ڪاروباري شھر غوثپور ٽائون عملي جي بي ڌياني سبب کنڊر بڻجي ويو آھي ۽ هر طرف گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا آهن.

 شھرين شڪايت ڪندي چيو آھي ته ٽائون ڪاميٽي جو چئرمين مھيني ۾ ھڪ ڀيرو به آفيس ڪونه ٿو اچي هو  اڪثر بنگلي تي ھوندو آھي جنھن ڪري صفائي وارو عملو پنھنجي ڊيوٽي نھ ڪري رهيو آهي.

 هنن جو چوڻ هو تھ ٽائون ۾ اڪثر گھوسٽ ملازم ڀرتي ٿيل آھن جيڪي ھر مھيني پگھارون کڻن ٿا  ۽ شھر جي صفائي سٿرائي ۾ سندن ڪابه دلچسپي ناهي،

شهرين جو چوڻ هو تھ ڪيترائي ڀيرا اعليٰ عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

شھرين ڊي سي ڪشمور کي اپيل ڪئي آھي ته ھو پاڻ شھر جي وزٽ ڪري صفائي جي عمل کي بھتر بڻائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے