24 بدھ , اکتوبر 2018

ڊرٻ ميهر شاهه: امام حسين موٽ قبول ڪيو پر هو ظالم آڏو نھ جهڪيو:بچل شاهه

News: Drib Mehar Shah: Imam Hussain accepted the refusal but did not follow the wrongdoer: Sahel Shahپي پي اڳواڻ سيد بچل شاهه چيو آهي تھ  ڪربلا جي ميدان ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ساٿين سميت جان جو نذرانو پيش ڪيو.

ڊرٻ ميهر شاهه درگاھ حضرت پير ميهر شاھ جيلاني جي سجاداھ نشين ۽ اڳوڻي ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني سندس ڀاءُ پير سيد روشن علي شاھ جيلاني ۽ ٻين بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪئي ۽ سنڌ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعائون پڻ گهريون.

ان موقعي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني ڪربلا جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪندي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪربلا جي ميدان ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ساٿين سان گڏ پنهنجي جانين جي  قرباني ڏئي اسلام کي زندهه ڪيو.

هن چيو تھ  حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽باطل کي ظاهر ڪيو.

سندس چوڻ هو تھ   امام حسين عليه السلام  ڪربلا جي ميدان ۾ صبر جو سبق ڏئي ويو آهي.

ان موقعي تي پير سيد صالح محمد شاھ جيلاني،  سيد عرفات علي شاھ جيلاني،  حافظ استاد گل محمد اڄڻ، مير اڄڻ،  عبدالشڪور لاشاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے