20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ريلوي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪنداسين، 3 وڏا پلانٽ وڪرو ڪرڻ جي خواهش آهي: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ريلوي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، ريلوي جا 3 وڏا پلاٽ وڪرو ڪرڻ جي خواهش آهي. راولپنڊيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ريلوي ۾ ريزرويشن آفيس رات 12 وڳي تائين کليل رهندا، ٽرينن ۾ وائي فائي جي سهولت جلد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ايم ايل ون سي پيڪ ۾ شامل آهي، جڏهن ته ايم ايل ٽو جي به آفر ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته 100 ڏينهن ۾ 10 ٽرينن جو انگ 15 تائين پهچايو ويندو. شيخ رشيد احمد چيو ته 1905ع جي رڪارڊ تي وڏن واڳن قبضو ڪيو  آهي، هڪ لک 37 هزار کان هڪ لک 19 هزار پٽيشنرز تي اچي ويا آهن، ريلوي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. هن چيو ته ريلوي هيڊ ڪوارٽر کي ڪراچي منتقل ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته ريلوي ملازمن جي پگهار وڌائي وڃي. سندس چوڻ هو ته ريلوي تي 25 ارب رپين جو قرض آهي، ريلوي جو خسارو 38 ارب رپيه آهي، ريلوي جا 2 وڏا پلانٽ وڪرو ڪرڻ جي خواهش آهي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ پلاٽ وڪرو ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے