18 جمعرات , اکتوبر 2018

صدر عارف علوي جي مقتول نينگري امل جي گهر آمد، وارثن سان تعزيت

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل 10 ورهين جي نينگري امل عمر جي گهر ڊفينس خيابان وڃي فاتحه خواني ڪئي ۽ مقتول ٻارڙي جي والدين سان تعزيت ڪئي.  صدر عارف علوي ٻارڙي جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ۽ جلد جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. امل جي والدين صدر عارف علوي جي گهر آمد تي سندس ٿورا مڃا. صدر عارف علوي جي ڊفينس آمد جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. چيف جسٽس ثاقب نثار پڻ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ نينگريءَ جي مارجڻ جو نوٽيس ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهانگير ترين وري سرگرم، آزاد ايم پي اي بلاول اصغر پي ٽي آءِ ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ننڍي چونڊ ۾ آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے