21 اتوار , اکتوبر 2018

يو ايس فنڊ ۾ گهوٻيون: يوسف رضا گيلاني سميت 7 جوابدارن خلاف نيب ريفرنس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو يو ايس فنڊ ۾ گهوٻين تي يوسف رضا گيلاني سميت 7 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. نيب يو ايس فنڊ ۾ گهوٻين تي اڳوڻي وزيراعظم  يوسف رضا گيلاني سميت 7 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن تي يو ايس ايف فنڊ ۾ 12 ڪروڙ 80 لک رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني آءِ ٽي وزير طور اختيارن جو ناجائز جو استعمال ڪيو ۽ غير قانوني اشتهاري مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني اشتهاري مهم سان ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو. جوابدارن ۾ اڳوڻو سيڪريٽري فاروق اعواڻ، اڳوڻو سي اي او يو ايس ايف ۽ اشتهاري ڪمپني جو چيف آفيسر انعام اڪبر به شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے