18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: بدين : شهرين پاران فلٽر پلانٽ خراب هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

News: Badin protesters protest protest against poor plantبدين ۾ شهرين پاران فلٽر پلانٽ خراب هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين محمد صالح سومري،  شفيح سميجي ،  رحمت الله کوسي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ايوان صحافت بدين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙن چيو تھ  فلٽر پلانٽ جي بجلي بند آھي جڏهن تھ  پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل ڪاميٽي وارن  جرنيٽر جو تيل بند ڪري شھرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي .

هنن چيو تھ فلٽر پلانٽ بدين  کي  بجلي ۽ ڊيزل جي فراھمي بند ھجڻ  ڪري شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا نه ٿي سگھيو آھي .

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ فلٽر پلانٽ جي بجلي بحال ڪري شهرين کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:سامارو: گرلز اسڪول مان چور الهه تلهه ٻهاري ويا

*سامارو شھر جي  گرلس هاءِ  اسڪول  مان چور تاله ٽوڙي اتلهه تلهه ٻهاري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے