20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز : سکر: شڪارپور واسي پورهيت جو ڊاڪٽرن خلاف احتجاج

News: Sukkur: Victor of Victorian Victor Victorسکر  ۾ شڪارپور جي پورھيت امام بخش بلوچ  دانهيو آهي تھ سندس پٽ جي دماغي حالت خراب آهي تنهنڪري کيس اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو پر هينئر تائين ڊاڪٽرن کيس چڪاسڻ بھ مناسب ناهي سمجهيو.

شڪاپور جو پورهيت   امام بخش بلوچ پنهنجي اڍائي ورھين جي پٽ رحمت الله کي کڻي انصاف لاءِ پريس ڪلب  پهتو.

پورهيت پريس ڪلب ۾ داهيندي چيو تھ پٽ کي سول اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو پر ٻه ھفتا گذري وڃڻ باوجود دماغ جو ڊاڪٽر کيس ڏسڻ به نه آيو آھي.

هن چيو تھ ٻن هفتن کان پوءِ  ڊاڪٽرن  سي ٽي اسڪين ڪرائڻ لاءِ چيو،  سول اسپتال ۾  سي ٽي اسڪين ھئڻ باوجود عملي کيس خانگي  اسپتال مان سي ٽي اسڪين ڪرائڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو آھي.

سندس چوڻ هو تھ هو غريب مسڪين آهي  وٽس  ايترا پئسا ناھن جو ٻچڙي جو علاج يا ٽيسٽون  ڪرائي سگھي.

پورھيت،   صحت کاتي جي صوبائي وزير  ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کان مطالبو ڪيو تھ سول اسپتال جي عملي ۽  ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سندس پٽ جو علاج بهتر نموني ڪرايو وڃي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے