16 منگل , اکتوبر 2018

پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب اپيل 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف بابت پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب چيئرمين جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ 25 سيپٽمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. احتساب عدالت نمبر هڪ جي جج محمد بشير مسلم ليگ ن جي ٽن اڳواڻن نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻيا 2 ريفرنسز العزيزيه ۽ فليگ شپ کي احتساب عدالت نمبر 2 منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو نيب نواز شريف خلاف ريفرنسز جي منتقلي کي چئلينج ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ٻيا اهم ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن جنهن ۾ آصف علي زرداري جي درخواست ۽ اين آر او ڪيس به شامل آهي. سپريم ڪورٽ اثاثن جا تفصيل طلب ڪرڻ خلاف آصف زرداري جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ 25 سيپٽمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے