21 اتوار , اکتوبر 2018

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي عورت عملي کي اعليٰ اختيارين پاران هيسائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان حوالي سان ملازمن لکت شڪايت به ڪئي آهي. لکت شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته پرنسپل لائبريرين ذوالقرنين، چيف لائبريرين نوروز عورت عملي کي هيسائن ٿا، 16 کان 17 گريڊ جي آفيسرن جي آجياڻي تي ڊيوٽي لڳائي تذليل ڪئي ويندي آهي، لائبريرين جي ڳالهه نه مڃيندڙ عورتن کي مختلف طريقن سان اذيت پهچائي ويندي آهي، ٻنهي آفيسرن خلاف ريڪٽر يونيورسٽي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي لکت شڪايت به ڪئي وئر پي سمورا قدم اجائي آهن. عورتن چيف جسٽس ثاقب نثار، صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان ۽ انساني حقن جي وفاقي وزير شيري مزاري کان معاملي جي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے