24 بدھ , اکتوبر 2018

ڀارت کي ڳالهيون بحال ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ناڪاري جواب تي مايوسي ٿي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ طئي ٿيل پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ملتوي ٿيڻ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان امن ڳالهين جي بحالي لاءِ ڀارت کي دعوت ڏني آهي پر هن اها رد ڪئي. هن چيو ته مون کي ڀارت جي ناڪاري ۽ تڪبر واري رويي تي مايوسي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پاران امن ڳالهين جي آڇ رد ڪري ننڍي پڻ جو اظهار ڪيو  ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سموري زندگي اهڙن ننڍن ماڻهن کي ڏٺو آهي جيڪي وڏين آفيسن تي قابض هوندا آهن پر انهن ۾ وسيع پئماني تي سوچڻ ۽ مسقبل بيني جي صلاحيت نه هوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے