21 اتوار , اکتوبر 2018

حنيف عباسي کي ڪجهه ٿيو ته سياسي مخالف ۽ پنجاب حڪومت ذميوار هوندي: گهر واري

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسيءَ جي گهر واري چيو آهي ته حنيف عباسي جي اٽڪ جيل منتقلي سياسي انتقامي ڪارروائي جو بدترين مثال آهي، جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته سياسي مخالف ۽ پنجاب حڪومت ذميوار هوندي. هڪ بيان  ۾ حنيف عباسي جي گهر واري چيو ته سندس مڙس دل جي مرض ۽ پولن الرجي جو مريض آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس اسپتال ۾ رکڻ جو چيو هو، سندس اٽڪ جيلي منتقلي سياسي انتقامي ڪارروائي جو بدترين مثال آهي. هن چيو ته حنيف عباسي کي تجويز ڪيل دوائون به نه ٿيون ڏنيون وڃن جڏهن ته حنيف عباسي سميت ڪو به قيدي پنهنجي مرضي سان سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۾ نه ٿو اچي سگهي، جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته سياسي مخالف ۽ پنجاب حڪومت ذميوار هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے