18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪوچ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ايڇ ايف سان اختلاف وڌڻ تي پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪوچ رولينٽ اوٽمين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي رويي سان ناراض قومي هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ رولينٽ اوٽيمن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  هن پنهنجي ملڪ هالينڊ واپسيءَ جي تياري به ڪري ڇڏي آهي. رولينٽ اوٽمين جو چوڻ آهي ته هاڪي فيڊريشن اهڙو ماحول پيدا نه ڪري رهي آهي جيڪو منهنجي اميدن تي پورو لهي، اهڙين حالتن ۾ هڪ ٽيم بڻائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان هاڪي فيڊريشن جا عملدار هيڊ ڪوچ جي فيصلي سان پريشان آهن ۽ اوٽيمن کان فيصلو واپس وٺرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. نئين ڪوچ لاءِ حسن سردار جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Australia begin day two with eight-wickets in hands against Pakistan

ابوظهبي ٽيسٽ: آسٽريلوي ٽيم 145 رنسن تي ڍير، پاڪستان کي 137 رنسن جي سرسري حاصل

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز ) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن محمد عباس جي شاندار بالنگ اڳيان ڪينگروز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے