16 منگل , اکتوبر 2018

ايشيا ڪپ ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ٽن ڪرڪيٽرن کي ڏنڊ جي سزا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي حسن علي، اصغر افغان ۽ راشد خان تي ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ وڌو ويو آهي. ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني بالر حسن علي ۽ افغان ٽيم جي ڪپتان اصغر خان ۽ بالر راشد خان تي ميچ في جو 15 سيڪڙو ڏنڊ وڌو ويو آهي. ٽنهي کي هڪ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي آهي. ابو ظهبي ۾ کيڏيل سپر چار مرحلي جي ميچ ۾ حسن علي پنهنجي ئي بال تي فيلڊنگ ڪرڻ بعد  هشمت الله شاهدي کي مارڻ جو اشارو ڏنو هو، اصغر افغان رنس مڪمل ڪرڻ بعد بالر حسن علي کي ڪلهو هنيو هو. راشد خان آصف علي کي آئوٽ ڪرڻ بعد آڱر سان اشارو ڪندي کيس گهوري به ڏٺو. ميچ بعد ٽنهي ڪرڪيٽرن ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ سامهون پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. ٻڌڻي کانسواءِ ٽنهي کي ڏنڊ ۽ ڊي ميرٽ پوائنٽس جي سزا ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

#MeToo movement: 'I was shamed and humiliated', Adhyayan Suman accuses ex-girlfriend Kangana Ranaut of harassment

مي ٽو مهم: اداڪارا ڪنگنا رناوت تي تشدد ۽ جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي ( شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت جي اڳوڻي بوائي فرينڊ اداڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے