21 اتوار , اکتوبر 2018

جنسي طور هيسائڻ جي معاملي ۾ ميشا شفيع کان جواب طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) گلوڪار علي ظفر ۽ ميشا شفيع وچ ۾ جنسي طور هيسائڻ جي معاملي تي عدالت گلوڪاره ميشا شفيع کان 28 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. گلوڪاره ميشا شفيع ۽ علي ظفر وچ ۾ قانوني جنگ ختم نه ٿي آهي. گلوڪار علي ظفر طرفان داخل ڪيل ڏنڊ جي دعويٰ تي گلوڪاره ميشا شفيع کي عدالتي حڪم نامو ملي ويو آهي. سيشن ڪورٽ ۾ عدالتي اهلڪار عملدرآمد ٿيل نوٽيس لاڳاپيل جج کي پيش ڪري ڇڏيو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته ميشا شفيع جي ملازم عدالتي نوٽيس وصول ڪيو. عدالت ميشا شفيع کان علي ظفر جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي نوٽيس تي 28 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري رکيو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ميشا شفيع هيسائڻ جا بي بنياد الزام هنيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pikaraara, accused of sexual harassment by Elizabeth Nourazi, on Bollywood actor Vipul Shah

اداڪارا ايلناز نوروزي پاران بالي ووڊ هدايتڪار ويپول شاهه تي جنسي هرساني جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز ) پاڪستاني فلم ”مان جائو نا“ کان ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ايراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے