22 پیر , اکتوبر 2018

اڊيالا جيل ۾ حنيف عباسي جي وائرل تصوير تي وفاق پنجاب حڪومت کان ناراض

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف جي آزادي جي موقعي تي مسلم ليگ ن اڳوڻ حينف عباسي جي اڊيالا جيل ۾ سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۾ موجودگيءَ جي معاملي تي فوري ڪارروائي نه ڪرڻ تي وفاق پنجاب حڪومت کان ناراض آهي.  ذريعن موجب وفاقي سرڪار حنيف عباسي جي اڊيالا جيل ۾ جيل سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۾ موجودگي جي معاملي تي فوري ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. حنيف عباسي جي تصوير جي معاملي تي وفاقي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري سان سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته اميد آهي پنجاب حڪومت نوٽيس وٺندي جنهن بعد نوٽيس ورتو ويو هو. وفاقي سرڪار جو موقف آهي ته سپرنٽنڊنٽ جيل ۽ ٻين ذميوارن کي فوري طور نوٽيس ڏيڻ گهرجي ها، ڇو ته تصوير جي معاملي تي پنجاب حڪومت جي عدم دلچسپي تي پارتي کي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي. وفاقي سرڪار جي موقف موجب گهرو ۽ جيلن واري وزير کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها ۽ معاملو ميڊيا ۾ ئي نه اچي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے