17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ: ٿرپارڪر:ٿرڪول يو سي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

Tharparkar: The protest against protesting on the CVC project working workerٿرپارڪر  ۾  ٿر ڪول يو سي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن پگهارون نه ملڻ  خلاف احتجاج ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو.

ٿرڪول بلاڪ پنج تي انڊر گرائونڊ گئسيفڪيشن واري يو سي جي پروجيڪٽ بجيٽ جاري نه ٿيڻ سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، پروجيڪٽ   تي ڪم ڪندڙ  460 ملازمن جون  ٽن مهينن کان پگهارون بند ٿيڻ خلاف  يو سي جي ملازمن پاران شروع ڪيل احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

ملازمن پاران اسماعيل لوهڙ، محمد علي خاصخيلي، راجاگوهر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  اسلام ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ان  موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته گذريل ٽن مهينن کان سندن پگهارون بند آهن جنهنڪري خاندان فاڪا ڪشيءَ ڪرڻ تي مجبور آهن.

ملازمن واضع ڪندي چيو ته  هو صوبائي وزير  توانائي  امتياز احمد شيخ  جي بيان کي مڪمل طور تي  رد ڪن ٿا،جنهن ۾  هن چيو آهي تھ يوسي  جو هلندڙ پروجيڪيٽ وفاقي حڪومت جو آهي،سنڌ سرڪار جو ڪردار صرف سهولتڪار جو آهي.

هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته  سندن رهيل پگهارون جاري ڪرائي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو،………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے