16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | ميرپوربٺورو:سينئر صحافي کي پي ايس او پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف  قلم ڌڻين جو احتجاج

ميرپوربٺوري ۾   سينئر صحافي آڪاش زئور کي ايس ايس پي سجاول جي پي ايس او پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف  قلم ڌڻين، سياسي ،  سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاھرا ڪري پوليس گردي بند ڪريو  جا نعرا هنيا ويا.

آڪاش زئور ، امتياز علي سومري ،  عبدالرزاق لُنڊ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ڻ  مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميرپوربٺوري جي جاکوڙي صحافي  آڪاش زئور پاران پوليس چڙھائي ۽ ڳوٺاڻن جي احتجاج بابت رپورٽ  ھلائڻ کانپوءِ  ايس ايس پي سجاول جو پي ايس او مٿس مڇرجي پيو آهي ۽ کيس  ڳرا  نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن.

هنن چيو ته ايس ايس پي سجاول جي پي ايس او سموري ضلعي کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آھي.

اڳواڻن الزام هڻندي چيو تھ گٽڪن سميت ھر قسم جي منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ وياج خورن کان لکين روپين جي اوڳاڙي ڪندڙ پي ايس او  ھاڻي صحافين کي ڌمڪائڻ ۽ حيسائڻ شروع ڪيو آھي ته جيئن ميڊيا جي آواز کي دٻائي سگھجي.

اڳواڻن  اطلاعات واري صوبائي وزير ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو آھي ته پي ايس او پاران صحافي آڪاش زئور کي ڏنل ڌمڪين جو نوٽيس وٺي سندس خلاف سخت ڪاروائي ڪري صحافي کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ اندر احتجاج ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے